سنڌ جي تاريخ تخليق ڪائنات کان حضرت نوح تائين

سنڌ جي تاريخ تخليق ڪائنات کان حضرت نوح تائين

سنڌ جي تاريخ تخليق ڪائنات کان حضرت نوح تائين

سنڌ جي تاريخ: تخليق ڪائنات کان حضرت نوح تائين (ڪتاب): ڪتاب ’ سنڌ جي تاريخ: تخليق ڪائنات کان حضرت نوح تائين‘، جلد پهرئين، حصي پهرئين جو ليکڪ ۽ محقق اياز ڀاڳت آهي. هي ڪتاب ستن بابن ۾ ورهايل آهي. باب پهريون: تخليق ڪائنات بابت آهي، جنهن ۾ ڪرت جڳ، ترت جڳ، دواپر جڳ، ڪل جڳ کان وٺي سوميرين، بابلين، مصرين، آرين، ايرانين، يونانين، چينين، بائيبل، قرآن ۽ سائنس جا تخليق بابت نظريا ڏنا ويا آهن. باب ٻئي ۾ ڌرتيءَ جي تخليق ۽ جڳن جو موجوده زماني تائين ذڪر موجود آهي. باب ٽئين جو عنوان زندگيءَ جو آغاز آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي ارتقا بابت نظريا، سائنسي ثبوت، پٿرايل ڍانچن، ماحوليات، اناٽوميءَ کان وٺي لامارڪ ۽ ڊارون جي نظرين تائين جو تفصيل شامل آهي. باب چوٿون ’انسان‘ بابت آهي، جنهن ۾ انسان بابت سنڌين، سوميرين، بابلين، مصرين، يونانين، بائيبل ۽ قرآن جا نظريا ڏئي، نظريه ارتقا جي حيثيت ڏني وئي آهي. باب پنجون ’سنڌ‘ بابت آهي، جنهن ۾ سنڌ جو وجود، سنڌ نالو ڪيئن پيو، روايتي ۽ اختلافي بيان، محققن جو رايو، سنڌ نالي جي حقيقت ۽ سنڌ نالي جي وسعت جا عنوان شامل آهن.
باب ڇهين جو عنوان آهي: ’سنڌ- انسان جي جنم ڀومي‘ هن باب ۾ حضرت آدم، جنت، هابيل قابيل، حضرت سئينڌ جي پيدائش، جاگرافيائي حالتن، حضرت نوح واري ٻوڏ، علائقي، جودي جبل ۽ انساني آباديءَ جي مرڪز ڌرتي ماتا جو ذڪر ڏٺو ويو آهي. باب ستين جو عنوان آهي: ’حضرت نوح جي امت سنڌي- صائبين‘. هن بابت هيٺ ننڍا عنوان هن ريت بيان ڪيا ويا آهن: سنڌ ۾ مذهب، حضرت نوح جي قوم ۽ امت، ابن نديم، ابن ڪثير، سليمان ندويءَ جا بيان، مصنف جي تحقيق، ڇا ويد صحيفا آهن.
ڊيمي سائيز، پڪي جلد سان 493 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اياز ڀاڳت اڪيڊمي، لاڙڪاڻي، 2012ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 700 روپيا آهي.
هن ڪتاب کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سال 2012ع ۾ ڇپيل تاريخ جي بهترين ڪتاب جو اوارڊ ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو